بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اڪشي ڪمار مصروف شيڊول کانپوءِ پنهنجي صحت کي اوليت ڏيندي ممبئي ۾ اکين جي معمولي سرجري ڪرائي آهي، جنهن کانپوءِ هن ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڪشي ڪمار جي اها معمولي سرجري اربع جي صبح ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نظر کي درست ڪرڻ هو. ذريعن موجب سرجري ڪامياب ٿي وئي ۽ اداڪاره جي حالت اطمينان بخش آهي. رپورٽن موجب سرجري کان اڳ اڪشي ڪمار پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪري ورتي ته جيئن پروجيڪٽ جو شيڊول متاثر نه ٿئي. جڏهن ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين شوٽنگ ۾ حصو نه وٺندو. اڪشي تازو ئي ڊائريڪٽر انيس بزمي جي نئين فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جنهن پنهنجي ڪيرا شيڊيول کي به مڪمل ڪيو آهي. فلم ۾ وديا بالن ۽ رشي کنا پڻ شامل آهن. 2026 اڪشي ڪمار لاءِ ڪافي مصروف سال ثابت ٿي رهيو آهي. پريا درشن جي فلم ’ڀوت بنگلا‘ جي ڪاميابي کانپوءِ هن فوري طور تي نون پروجيڪٽس تي ڪم شروع ڪيو هو، پر هاڻ هن پنهنجي مصروف شيڊول جي وچ ۾ صحت لاءِ مختصر وقفو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 58 سالن جي اداڪار کي هن وقت به بالي ووڊ جي مصروف ترين اداڪارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. سندس ايندڙ فلمن ۾ ’ويلڪم ٽو دي جنگل‘، ’گول مال 5‘، ’هائيوان‘ ۽ هڪ مراٺي فلم شامل آهي. جتي مداح اڪشي ڪمار جي جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن پر سندس صحت بابت خبرون پڻ شوبز حلقن ۾ توجه جو مرڪز بڻيل آهن.
Source link

اڪشي ڪمار جي اکين جي سرجري، شوٽنگ ۾ حصو نه وٺندو؟
Leave a Comment Leave a Comment

