مشهور ڪاري هرڻ جي شڪار ڪيس تي ٻڌل سلمان خان جي فلم ”ڪالا هارن“ کي رليز ٿيڻ کان اڳ ئي وڏو ڌڪ لڳو آهي. سينيئر ڀارتي اداڪار گووند نامديو جيڪو فلم جي ڪاسٽ جو حصو آهي، هن پروجيڪٽ ڇڏي ڏنو آهي ۽ فلم سازن تي کيس گمراهه ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي گووند نامديو چيو ته جڏهن هن منصوبي جو حصو بڻجڻ تي اتفاق ڪيو ته کيس مختلف ڪهاڻي ٻڌائي وئي. سندس چوڻ هو ته کيس شروع ۾ ٻڌايو ويو هو ته هو ’سمبول‘ نالي فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پر بعد ۾ خبر پئي ته فلم جو نالو ’ڪالا هارن‘ رکيو ويو آهي ۽ اهو مشهور سلمان خان ڪيس سان لاڳاپيل آهي. اداڪار دعويٰ ڪئي ته کيس يقين ڏياريو ويو ته فلم ۾ رڳو عدالتي ڪارروائي ۽ رڪارڊ تي موجود حقيقتون پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته کيس ٻڌايو ويو ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪو به اضافي مواد يا تخيلاتي پهلو شامل نه ڪيو پيو وڃي، ان ڪري هن منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. گووند نامديو واضح ڪيو ته هو ڪڏهن به ان پروجيڪٽ جو حصو نه بڻجي ها جيڪڏهن کيس اڳ ۾ ئي خبر هجي ها ته فلم سلمان خان خلاف يا سندس شخصيت کي نشانو بڻائڻ لاءِ پروجيڪٽ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته سلمان خان سندس ويجهو دوست آهي ۽ هو ڪنهن اهڙي ڪوشش جو حصو بڻجڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي جنهن سان اداڪار کي تڪراري انداز ۾ پيش ڪيو وڃي. هن اهو به چيو ته سندس نالو بشنوئي گينگ يا اهڙي ڪنهن به تڪرار سان ڳنڍڻ درست نه هوندو ۽ هو پاڻ کي اهڙين سرگرمين کان پري رکي. تڪرار ان وقت شدت اختيار ڪري ويو جڏهن سلمان خان جي قانوني ٽيم ”ڪالا هارن“ جي پروڊيوسر کي قانوني نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته فلم ڪالا هارن شڪار ڪيس جي پس منظر ۾ ٺاهي پئي وڃي ۽ سلمان خان جي سڃاڻپ ۽ شخصيت کي نامناسب استعمال ڪري رهيو آهي. گووند نامديو جي وڃڻ کانپوءِ فلم جي مستقبل ۽ ان جي پروڊڪشن جي حوالي سان ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن، جڏهن ته بالي ووڊ حلقن ۾ به بحث جاري آهي.
Source link

فلم ”ڪالا هارن“ کي وڏو جھٽڪو، سينيئر اداڪار ڌانڌلي جو الزام هڻي پروجيڪٽ ڇڏي ڏنو
Leave a Comment Leave a Comment

