ڪراچي؛ ايف آءِ اي جو ڇاپو، 940 ملين ايراني ريال ۽ لکين رپيا هٿ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي غير قانوني پرڏيهي ڪرنسي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي ڪروڙين ايراني ريال هٿ ڪري ورتا.

ترجمان موجب ڪارروائي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي زون منتظر مهدي جي هدايتن تي ڪئي وئي، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ سرڪل ڪراچي جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.

ترجمان موجب ايف آءِ اي جي ٽيم ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران جوابدار محمد حنيف ولد عمر فاروق کي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي موجب جوابدار پرڏيهي ڪرنسي جي غير قانوني خريد و فروخت ۾ ملوث هو.

ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 37 لک رپيا نقد ۽ 940 ملين ايراني ريال هٿ ڪيا ويا. ايف آءِ اي ترجمان موجب شروعاتي جاچ ۾ جوابدار اسٽيٽ بئنڪ جي اجازت کانسواءِ غير قانوني ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.

ايف آءِ اي موجب هٿ آيل ڪرنسي ۽ موبائيل فون تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن جڏهن ته جوابدارن خلاف ايف آءِ آر نمبر 02/2026 داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته غير قانوني پرڏيهي ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ معيشت دشمن عنصرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment