تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ آبادي جي ڀلائي بابت اهم جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي وڌندڙ آبادي، آبادي جي ڀلائي ۽ نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جي اجلاس جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو اجلاس جلد ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ سمورن صوبن، گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل ادارن جا نمائندا ۽ اسٽيڪ هولڊر شرڪت ڪندا ته جيئن آبادي جي ڀلائي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهجي.

اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته نيشنل پاپوليشن ڪائونسل سيڪريٽريٽ جو آپريٽنگ طريقيڪار تيار ڪيو ويو آهي. نيشنل اسٽيبلائيزيشن پلان 2026-2035 تيار ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ آبادي جي واڌ جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ قومي فريم ورڪ پيش ڪيو ويندو. ان منصوبي تحت 2035ع تائين آبادي جي واڌ جي شرح کي موجوده 2.55 سيڪڙو مان گھٽائي 1.25 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي.

بريفنگ موجب آبادي جي استحڪام جي نئين فريم ورڪ تحت صحت، تعليم، نوجوانن جي آبادي، ليبر فورس ۾ عورتن جو انگ وڌائڻ، ووڪيشنل ٽريننگ ۽ سوشل سيڪيورٽي تي ڌيان ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت جي سماجي تحفظ جي ڪيترن ئي قدمن کي آبادي جي ڀلائي سان مشروط ڪرڻ جي حوالي سان ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ سان گڏ آبادي جي ڀلائي کي به پنهنجو قومي فرض سمجهڻ گهرجي.

شهباز شريف چيو ته آبادي جو توازن پائيدار قومي ترقي جو ضامن آهي. آدمشماري جي رٿابندي کي قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ انساني وسيلن جي بهتري سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. آبادي جي ڀلائي واري قدمن جي حوالي سان صوبن سان لاڳاپن ۽ رابطا کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

وزيراعظم چيو ته وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم نيشنل پاپوليشن ڪائونسل جو اجلاس جلد گهرائڻ جي به هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
..





Source link

Share This Article
Leave a Comment