70 کان وڌيڪ برطانوي ايم پي ايز نئين وزيراعظم اينڊي برنهم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ اسرائيل جي ڪاررواين بابت گڏيل قومن جي آزاد ڪميشن جي انڪوائري جي نتيجن کي باضابطه طور تي تسليم ڪري ۽ اسرائيل خلاف فوري ۽ موثر قدم کڻي.
عالمي خابرو اداري موجب خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته گذريل مهيني جاري ڪيل گڏيل قومن جي آزاد جاچ رپورٽ ۾ ان نتيجي تي پهتو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج جون ڪارروايون نسل ڪشي جي زمري ۾ اچن ٿيون ۽ رپورٽ خاص طور تي اسرائيلي حملن ۾ ٻارن کي دانستہ طور نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي آهي.
پارليامينٽ ميمبرن هڪ کليل خط ۾ نئين چونڊيل وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هو عالمي عدالت انصاف جي جولاءِ 2024ع جي مشاورتي راءِ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي.
برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن موجب انصاف جي عالمي عدالت اسرائيل تي زور ڀريو ته هو والاريل فلسطيني علائقن ۾ پنهنجي موجودگي فوري طور تي ختم ڪري، سموريون اسرائيلي آباديون بند ڪري، متاثر فلسطينين کي معاوضو ادا ڪري ۽ بي گھر ٿيل فلسطينين جي واپسي ۾ تعاون ڪري.
عدالت پنهنجي راءِ ۾ اهو به چيو ته دنيا جي سمورن ملڪن جي ذميواري آهي ته اهي اهڙن عملن کان پاسو ڪن جيڪي اسرائيلي قبضي کي برقرار رکڻ يا ان جي حمايت جو سبب بڻجن.
خط ۾ برطانوي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسرائيل تي هٿيارن جي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي، اسرائيلي اهلڪارن خلاف پابنديون لاڳو ڪيون وڃن ۽ هر قسم جي واپار تي پابندي لڳائي وڃي جنهن سان فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادين کي فائدو ٿئي.
پارليامينٽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته برطانيا کي عالمي قانون ۽ انساني حقن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي واضح ۽ موثر پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي.
مان 80 ايم پي ايز ۽ پيرن مان هڪ آهيان جيڪو وزيراعظم کي سڏي رهيو آهي:
– نسل ڪشي تي گڏيل قومن جي نتيجن کي تسليم ڪيو ۽ ICJ جي فيصلي کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو
– پابنديون لاڳو ڪرڻ سميت مڪمل هٿيارن جي پابندي
– واپار تي پابندي جيڪا اسرائيل جي غير قانوني آبادين جي حمايت ڪري ٿينسل ڪشي ۾ برطانيه جي ملوثي کي ختم ڪريو، هاڻي. pic.twitter.com/TjtJ0yj2Qq
– ڪيم جانسن (@ KimJohnsonMP) 23 جولاءِ 2026
فلسطيني يڪجهتي مهم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پيٽر ليري، پارليامينٽ ميمبرن جي خط کي ڀليڪار ڪندي چيو ته برطانوي حڪومت ڊگهي عرصي کان نسل ڪشي جي ڪنوينشن ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي موقف کي نظرانداز ڪيو آهي.
هنن الزام هنيو آهي ته برطانيه اهڙيون پاليسيون اختيار ڪندي رهي آهي جن فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي ڪاررواين جي عملي يا سفارتي مدد فراهم ڪئي آهي.
ياد رهي ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي جي الزامن کي رد ڪري ٿو ۽ ان جو موقف آهي ته سندس فوجي ڪارروائيون حماس ۽ ٻين هٿياربند گروپن خلاف آهن جڏهن ته شهري جاني نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
واضح رهي ته اسرائيلي دعوائن کي رد ڪندي گڏيل قومن ۽ انساني حقن جون ڪيتريون ئي عالمي تنظيمون غزه ۾ وڏي پيماني تي شهرين خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن جي جاني نقصان تي مسلسل ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيون آهن.


