آزاد ڪشمير جي شهرين ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي انارڪي ايڪشن ڪميٽي قرار ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سمورن طبقن آزاد ڪشمير جي امن ۽ اتحاد لاءِ پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي گمراهه ڪندڙ ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي شرپسندن سبب روزاني ڪمائيندڙ، مزدور، شاگرد ۽ ٻيو طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي عوام جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي انتشار ۽ لاقانونيت جي علامت بڻجي سامهون آئي آهي.

پابندي مڙهيل ڪميٽي پاران مارڪيٽ کي زبردستي بند ڪرائڻ جي ڌمڪي، واپارين ۽ عام شهرين کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. عوام جي حقن لاءِ وڙهڻ جي دعويٰ ڪندڙن پاڻ ئي غريبن جو معاشي قتل عام شروع ڪيو آهي.

پابندي مڙهيل ڪميٽي جي غير ذميواراڻي احتجاج سبب اڪثر مزدور، ٻهراڙي ۽ ننڍا دڪاندار سخت پريشاني جو شڪار آهن. شرپسند ڪميٽي جي غيرقانوني سرگرمين سان ان جو ناپاڪ ايجنڊا سڀني تي واضح ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير جو عوام امن امان برقرار رکڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي. آزاد ڪشمير ۾ امن امان ۽ اتحاد جي مفاد ۾ شرپسند عنصرن خلاف فوري ۽ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

شرپسند ايڪشن ڪميٽي جي غيرقانوني ڪاررواين جي مذمت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشمير جو عوام رياستي موقف جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment