اسرائيلي وزير اتمر بين گوور آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل جنگ بندي ۽ امن معاهدي کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو معاهدو اسرائيل تي لاڳو نٿو ٿئي ۽ نه ئي اهو اسرائيل جي سلامتي جي ضمانت ڏئي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر جي قومي سلامتي واري وزير اتمر بين گوور پنهنجي ٽيليگرام پيغام ۾ چيو آهي ته صدر ٽرمپ جو ايران سان معاهدو اسرائيل جو پابند ناهي ڇو ته اسرائيل ان معاهدي جو پارٽي ناهي.
بين گوري چيو ته موجوده ڊيل اسرائيل جي بنيادي سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ خطي لاءِ خطرا برقرار آهن.
هن لبنان ۾ سرگرم حزب الله جي حوالي سان سخت موقف اختيار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل کي حزب الله جي مڪمل خاتمي کان گهٽ ڪنهن ڳالهه تي راضي نه ٿيڻ گهرجي.
اسرائيلي وزير وڌيڪ چيو ته اسرائيلي فوج فوجي آپريشن دوران پنهنجي قبضي هيٺ آيل علائقن مان هڪ انچ به پوئتي نه هٽڻ گهرجي ۽ ضروري آهي ته انهن علائقن ۾ قائم فوجي اڏاوتن کي مڪمل طور ڊاهي ڇڏيو وڃي.
بين گوري جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن عالمي ڌيان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ممڪن ڊيل ۽ خطي ۾ جنگ ختم ڪرڻ جي ڪوششن تي مرکوز آهي.
سياسي مبصرن جي مطابق، ايران ۽ لبنان پاليسي تي اسرائيلي حڪومت جي اندر مختلف گروهن جي وچ ۾ اختلاف وڌيڪ نمايان ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي جيڪڏهن آمريڪا-ايران ڊيل کي حتمي شڪل ڏني وڃي.
ٻئي طرف عالمي سفارتي حلقا خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ لبنان سميت مختلف محاذن تي جنگ بندي کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن.


