بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي جي سربراهه رافيل گروسي چيو آهي ته ايران جي افزوده ڪيل يورينيم جو گهڻو حصو اڃا تائين اصفهان جي ايٽمي سهولت ۾ موجود آهي.
هڪ بيان ۾ رافيل گروسي چيو ته ايران جي وڏي مقدار ۾ افزوده يورينيم اڃا به اصفهان جي ايٽمي سهولت ۾ موجود آهي، جڏهن ته ٻين اهم سهولتن جهڙوڪ نتنز ايٽمي سهولت ۽ فردو ايٽمي سهولت جو به معائنو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران وٽ 440 ڪلوگرام يورينيم آهي جيڪو 60 سيڪڙو تائين افزوده ڪيو ويو آهي، جنهن مان هڪ اندازي مطابق 200 ڪلوگرام اصفهان ۾ زير زمين سرنگن ۾ محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
رافيل گروسي موجب انٽرنيشنل ائٽمي انرجي ايجنسي روس ۽ ٻين ملڪن سان ايران جي افزوده يورينيم کي ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جي امڪان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي پر هن واضح ڪيو ته اهو هڪ پيچيده ۽ حساس عمل هوندو.
ماهرن موجب ان پيش رفت کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ عالمي مانيٽرنگ سسٽم تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ممڪن سفارتي قدمن ۽ ڳالهين جي اهميت به وڌي وئي آهي.


