ايم ايل 1 ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن، ڪل لاڳت ڪيترا ارب ڊالر ٿيندي؟

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ريلوي واري وزارت ڪراچي کان پشاور تائين 1726 ڪلوميٽر ڊگهي ايم ايل ون ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن جو جامع منصوبو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. دستاويزن موجب منصوبو 5 مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته ان تي ڪل 6 ارب 66 ڪروڙ ڊالر لاڳت ايندي. دستاويزن موجب پهرين مرحلي ۾ ڪراچي کان روهڙي تائين 480 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن جو ڪم هن سال شروع ڪيو ويندو ۽ منصوبي جو پيڙهه جو پٿر پڻ ساڳئي سال رکيو ويندو. ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روهڙي سيڪشن تي 2 ارب ڊالرن جي لاڳت ايندي جڏهن ته ان کي 3 سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو هدف آهي. ٻئي مرحلي ۾ روهڙي کان ملتان تائين 449 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کي بهتر ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. منصوبي تي 1 ارب 26 ڪروڙ ڊالر لاڳت ايندي ۽ مڪمل ٿيڻ جو مدو 3 سال مقرر ڪيو ويو آهي. ٽئين مرحلي ۾ ملتان کان لاهور تائين 334 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. ان مرحلي تي 880 ملين ڊالر لاڳت ايندي جڏهن ته منصوبو 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. چوٿين مرحلي ۾ لاهور کان راولپنڊي تائين 289 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، جنهن تي 1.56 بلين ڊالر لاڳت ايندي. اختيارين موجب ان مرحلي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ 3 سالن جو مدو مقرر ڪيو ويو آهي. پنجين ۽ آخري مرحلي ۾ راولپنڊي کان پشاور تائين 174 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. منصوبي تي 920 ملين ڊالر لاڳت ايندي ۽ 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ريلوي واري وزارت موجب ايم ايل ون منصوبو ملڪ جي ريلوي نظام کي بهتر بڻائڻ، سفر جو وقت گهٽائڻ ۽ مال برداري واري شعبي کي جديد خطوط تي استوار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment