وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سوشل ميڊيا جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اظهر خان لغاري جي پٽ صفدر لغاري جي لاڏاڻي تي سردار اظهر لغاري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. محمد شهباز شريف اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر صفدر لغاري جي چاچي ارشد لغاري سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن لاءِ مرحوم صفدر لغاري جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. الله کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، آمين.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سوشل ميڊيا هيڊ صفدر خان لغاري جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
مرحوم صفدر خان لغاري قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد اظهر خان لغاري جو پٽ ۽ اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي ارشد خان لغاري جو ڀائٽيو هو.
ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڑائچ به موجود هو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته صفدر لغاري تمام نرم ڳالهائيندڙ، حليم ۽ مسلم ليگ (ن) جو مخلص ڪارڪن هو.
هن چيو ته سندس لاڏاڻو دنيا ۾ وڏو نقصان آهي. کيس هميشه ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سندس درجات بلند فرمائي. آمين


