اسرائيلي فوج پاران ڏکڻ مقبوضہ ويسٽ بئنڪ جي علائقي تل روميدا ۾ هڪ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نئون ڄاول ٻار مارجي ويو ۽ سندس والدين زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن موجب فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج 7 مهينن جي ٻارڙي سام ابو هيڪل کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته سندس والدين زخمي ٿي پيا. پيءُ، فهد عبدالعزيز ابو هيڪل، بيٿلحم يونيورسٽي ۾ ليڪچرار، پنهنجي زال ۽ پٽ سان گڏ بيٿلحم ۾ رهندو هو.
فائرنگ جو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن فهد عبدالعزيز مرڪزي هيبرون ۾ تل روميده پاڙي ۾ پنهنجي ماءُ جي گهر وڃي رهيو هو.
اسرائيلي سپاهين سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ پيءُ جو هٿ زخمي ٿي پيو. ساڳئي گوليءَ سان سندس زال به زخمي ٿي پئي ۽ سندس ٻارڙي پٽ جو جبرو ڇِڪي، کيس ماريو ويو.

