اسلام آباد:
پاڪستان ۾ ايراني جهازن جي موجودگي تي پرڏيهي آفيس جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.
پرڏيهي آفيس نور خان ايئربيس تي ايراني جهازن جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي گمراهه ڪندڙ ۽ سنسني خیز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جي قياس آرائي جون خبرون خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش لڳي رهيون آهن.
بيان موجب جنگبندي کانپوءِ ۽ اسلام آباد ڳالهين جي شروعاتي مرحلي دوران ايران ۽ آمريڪا جا ڪيترائي جهاز پاڪستان پهتا ته ڳالهين جي عمل ۾ شامل سفارتي اهلڪارن، سيڪيورٽي ٽيمن ۽ انتظامي اهلڪارن جي آمد و رفت کي آسان بڻائي سگهجي.
ان حوالي سان ڳالهين جي ايندڙ مرحلن جي اميد ۾ ڪجهه جهاز ۽ امدادي عملو عارضي طور تي پاڪستان ۾ موجود هو.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ باضابطا ڳالهيون ٻيهر شروع نه ٿيون آهن پر اعليٰ سطحي سفارتي رابطا جاري آهن. ان حوالي سان ايراني پرڏيهي وزير جي اسلام آباد جي دوري لاءِ موجود انتظامي ۽ لاجسٽڪ سهولتن کي استعمال ۾ آندو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايراني جهاز پاڪستان ۾ جنگبندي دوران پهتو هو ۽ ان جو ڪنهن به فوجي ايمرجنسي يا سيڪيورٽي انتظامن سان ڪو به تعلق نه هو. ان جي ابتڙ سڀ دعوائون قياس آرائي، گمراھ ڪندڙ ۽ مڪمل طور تي ڪوڙ آھن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن لاءِ هميشه غير جانبدار، تعميري ۽ ذميوار سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ڪردار ۾، پاڪستان تمام لاڳاپيل ڌرين سان شفاف رابطي کي برقرار رکندي، ضرورت مطابق معمول جي لاجسٽڪ ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي.
پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي آفيس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ سمورن مخلصانه سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.


