سنڌ هاءِ ڪورٽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ گڏ ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ روينيو بورڊ جا ٻه ريفرنس ڏنڊ سميت خارج ڪري ڇڏيا. عدالت سنڌ روينيو بورڊ تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس آغا فيصل رمارڪس ڏنا ته ريفرنس نه رڳو قانوني دائري کان ٻاهر آهن پر عدالتي نظام تي به غير ضروري بار آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ايڪٽ 2014ع تحت صوبو فنڊ گڏ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل 2019ع ۾ متفقه ميڪنزم طئي ٿيڻ تائين ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ اي او بي آءِ وفاقي حڪومت وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو هو، سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2011ع جي سيڪشن 63 تحت ريفرنس ۾ ڪنهن به قانون جي آئيني حيثيت کي چيلينج نٿو ڪري سگهجي، عدالت ريمارڪس ۾ صرف آئيني قانون کي چيلينج ڪري سگهي ٿي. ڪيس ۾ عدالت وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته ٽنهي ريفرنسز جي رد ٿيڻ باوجود ٻيهر ريفرنس داخل ڪرڻ عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ جي برابر آهي، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سرڪاري ادارن طرفان غير ضروري ڪيس داخل ڪرڻ عوامي وسيلن جي ضايع ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿا، چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ ميرٽ تي ريفرنس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ قانون جي ناانصافي آهي. درخواستگذار 7 ڏينهن اندر ڏنڊ جي رقم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي.
Source link

ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي وصولي تي تڪرار؛ سنڌ روينيو بورڊ جا ريفرنس ڏنڊ سان خارج
Leave a Comment Leave a Comment

