پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ايندڙ هفتي آذربائيجان جو دورو ڪندي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پنجاب جو وڏو وزير ايندڙ هفتي آذربائيجان جو دورو ڪندو، جتي مريم نواز باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ 13هين ورلڊ اربن فورم ۾ شرڪت ڪندي. مريم نواز دنيا جي شهرن ۾ هائوسنگ ۽ پائيدار ترقي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي. پنجاب جي وڏي وزير جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان به ملاقات جو امڪان آهي. مريم نواز 17 مئي تي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان رواني ٿيندي. باڪو ۾ ورلڊ اربن فارم 17 مئي کان 22 مئي تائين هلندو، صوبائي وزيرن جو وفد پڻ پنجاب جي وڏي وزير سان گڏ هوندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment