اسلام آباد:
ملڪ جي واپاري بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ لاءِ پاڪستان سنگل ونڊو (PSW) ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ٽريڊ آرگنائيزيشنز (DGTO) گڏيل طور تي واپاري تنظيمن ۽ چيمبرز جي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ترقي کي پاڪستان ۾ ڊيٽا تي ٻڌل ٽريڊ مينيجمينٽ سسٽم جي طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
ان سلسلي ۾ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ چيمبرز آف ڪامرس ۽ وفاقي راڄڌاني، خيبرپختونخواهه ۽ اتر پنجاب جي مختلف واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ واپاري تنظيمن جي رجسٽريشن، تجديد، رپورٽنگ ۽ مانيٽرنگ سسٽم کي خودڪار ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي صدر سردار طاهر محمود چيو ته اداري جي جدت وقت جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان سنگل ونڊو واپاري برادري جي وڏي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ بروقت قدم کنيا آهن.
هن چيو ته مشاورتي عمل ذريعي اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ قابل تعريف آهي.
طاهر محمود طريقيڪار کي آسان ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ڊي جي ٽي او جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڊجيٽل سڌارا نه رڳو ڪاروباري سهولتن ۾ اضافو ڪندا پر شفافيت ۽ احتساب جي نظام کي به بهتر بڻائي سگهندا.
هن چيو ته خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ سان چيمبرز ۽ ٽريڊ ايسوسيئشنز جا معاملا تيزيءَ سان ۽ موثر طريقي سان هلائي سگهجن ٿا.
آفيسرن موجب، ان اقدام جو مقصد تجارتي ادارن جي ڊيٽا کي مرڪزي سسٽم سان ڳنڍڻ، دستي عمل کي گهٽائڻ ۽ پاليسي سازي لاء مستند معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي.
هن تعاون کي ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ ۽ عالمي معيارن سان مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.


