انهن جي خوني تاريخ گواهه آهي، جيڪي اسان کي دهشتگرد سڏين ٿا، اهي پاڻ دهشتگرد آهن؛ ايراني صدر

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ايراني صدر مسعود پاشڪيان ڪنهن به ملڪ جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو آهي ته اصل دهشتگرد اهي آهن جيڪي چاهي جڏهن چاهي، جتي چاهي قتل ڪن.

عالمي خابرو اداري موجب ايراني صدر مسعود پاشڪيان چيو آهي ته اسان کي دهشتگرد بڻائڻ وارا پاڻ سڀ کان وڏا دهشتگرد آهن، جيڪي ڪنهن به قانون کي هٿ ۾ نٿا وٺن.

صدر مسعود پاشڪيان چيو ته دهشتگرد اهي آهن جيڪي اسڪولن، اسپتالن ۽ سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائين ٿا ۽ ڪنهن کي به جڏهن چاهي قتل ڪن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته اهي ئي اصل دهشتگرد آهن جيڪي زچگي گهرن کي به نشانو بڻائين ٿا. اهي انساني حقن، جنگ جي ضابطن ۽ بين الاقوامي قانونن جي پيروي نٿا ڪن.

ايراني صدر مسعود پاشڪيان وڌيڪ چيو ته هاڻي اهي ئي ماڻهو اسٽيج تي بيٺا آهن جيڪي انسانيت ۽ بنيادي حقن تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن. هي شرمناڪ آهي.

ياد رهي ته 28 فيبروري کان آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملن ۾ ڇوڪرين جو هڪ پرائمري اسڪول به تباهه ڪيو ويو هو، جنهن ۾ درجنين شاگردياڻيون شهيد ٿي ويون هيون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment