ڀارت ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف ماڻهو روڊن تي، 7 عدالتي آفيسر يرغمال

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


هندستان ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ملي ڀڳت سبب عوامي مينڊيٽ تي ڍاڪا خلاف فساد ٿيا.

بي جي پي جي ووٽر لسٽن ۾ هيراڦيري، جعلسازي ۽ منظم ڌانڌلي خلاف سڄي ملڪ ۾ ناراض ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن.

ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست ويسٽ بنگال ۾ ووٽر لسٽن جي خصوصي نظرثاني واري معاملي تي ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، مالدا ضلعي ۾ ماڻهن آفيسن جو گهيرو ڪري 7 عدالتي آفيسرن کي يرغمال بڻائي ورتو.

رپورٽ موجب اولهه بنگال جي عوام چونڊن کان اڳ ووٽر لسٽن مان نالا ڪڍڻ خلاف سخت احتجاج ڪري رهيا آهن. نون ووٽر لسٽن جي نالن جي چيڪنگ ڪندڙ عدالتي آفيسرن کي مودي جا اوزار قرار ڏئي گھيرو ڪيو پيو وڃي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اولهه بنگال ۾ چونڊن کان اڳ ٿيل ڌانڌلي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام مودي جي گندي چال کي سڃاڻي ورتو آهي. هي ڌانڌلي عوامي راءِ کي دٻائڻ ۽ آمريت جي مسلطيءَ جو ثبوت آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment