ڪراچي:
شهر قائد ۾ صدر جيولرز مارڪيٽ جي دڪاندارن وفاقي جاچ اداري جي ڇاپي خلاف احتجاج ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي.
احتجاج دوران دڪاندارن پاران چڙهائي واري عمل جي مذمت ڪئي وئي ۽ سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي جاچ اداري صدر جيولرز مارڪيٽ تي ڇاپو هڻي 6 ڪروڙ 50 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جو اسمگل ٿيل سونا ۽ چاندي هٿ ڪئي هئي، جنهن ۾ سون ۽ چاندي جا بسڪيٽ ۽ مشهور برانڊن جا رنگ ۽ مشينري به هٿ ڪئي وئي هئي.
هوڏانهن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي دڪاندارن کي پرامن طور منتشر ڪري ٽريفڪ بحال ڪرائي ڇڏي.


