اڳوڻي قومي بيڊمنٽن چيمپيئن پلوشه بشير ڪينيڊا ۾ اهم ٽورنامينٽ کٽي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان جي اڳوڻي قومي بيڊمنٽن چيمپيئن پلوشه بشير ڪينيڊين ماسٽرز چيمپيئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 35 پلس وومينز سنگلز ٽائيٽل کٽي ورتو.

فائنل ميچ ۾ پلوشا ڪينيڊا جي ٽاپ سيڊ رانديگر اينا رائس کي شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي.

فتح کانپوءِ پلوشه بشير خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ايونٽ ۾ مختلف ملڪن جي 300 کان وڌيڪ رانديگرن شرڪت ڪئي ان ڪري اها ڪاميابي سندس لاءِ فخر جو باعث آهي.

هن واضح ڪيو ته ماسٽرس ڪيٽيگري ۾ شرڪت جو مطلب اهو ناهي ته سندس اوپن ڪيٽيگري ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي.

ڪراچي سان تعلق رکندڙ پلوشا پهريون ڀيرو 2009 ۾ قومي وومينز سنگلز ۽ ڊبلز ٽائيٽل کٽي.

هوءَ 2010 جي سائوٿ ايشين گيمز ۾ به برونز ميڊل کٽي چڪي آهي ۽ 2014ع جي ايشين گيمز ۽ 2014 ۽ 2018 جي ​​ڪمن ويلٿ گيمز ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment