اسلام آباد ۾ 22 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي ٽيم جي شرڪت تي اڃا تائين سواليا نشان برقرار آهن. ذريعن موجب ايونٽ ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آهي، ڀارتي والي بال ٽيم کي پاڪستان جي دوري لاءِ اڃا تائين حڪومتي اين او سي نه ملي سگهيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان والي بال فيڊريشن طرفان ڀارتي ٽيم لاءِ جاري ڪيل اين او سي گذريل هفتي ڀارتي والي بال فيڊريشن کي موڪليو ويو هو. ضابطن موجب جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ ڀارتي ٽيم جي تصديق نه ٿي ته ڀارتي ٽيم ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويندي. پاڪستان والي بال فيڊريشن جا آفيسر ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ اپڊيٽ شيڊول جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. منتظمين ترڪمانستان، سريلنڪا، قازقستان، بنگلاديش ۽ نيپال جي ٽيمن جي تصديق ڪئي آهي. چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي ٽيمن جي اسلام آباد آمد 20 جولاءِ کان شروع ٿيندي، چيمپيئن شپ 22 کان 29 جولاءِ تائين اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي. فيڊريشن جي عملدارن چيمپيئن شپ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
Source link

وچ ايشيائي والي بال چيمپئن شپ؛ ڇا ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي؟
Leave a Comment Leave a Comment

