انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي (IOC) فيفا جي صدر گياني انفنٽينو خلاف داخل ڪيل شڪايت جي جاچ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب انساني حقن جي تنظيم فيئر اسڪوائر موقف اختيار ڪيو ته انفنٽينو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت ۾ بيان ڏئي اولمپڪ چارٽر ۾ ڏنل سياسي غير جانبداري جي اصول جي ڀڃڪڙي ڪئي.
اها شڪايت فيفا جي تڪراري فيصلي جي نتيجي ۾ آئي آهي جنهن ۾ يو ايس فارورڊ فولرين بالوگن جي پاڻمرادو هڪ ميچ جي پابندي کي 12 مهينن تائين معطل ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر ٽرمپ پاڻ اعتراف ڪيو ته هن انفنٽينو سان ان معاملي تي رابطو ڪيو هو.
پابندي ختم ٿيڻ بعد بالوگان بيلجيم خلاف ناڪ آئوٽ ميچ ۾ شرڪت ڪئي پر آمريڪا 1-4 تان هارائي.
پنهنجي بيان ۾، آئي او سي چيو ته فيفا جي اندروني حڪمراني، حڪومتي لاڳاپن ۽ راندين جي قانونن تي عملدرآمد سان لاڳاپيل معاملا ان جي ضابطه اخلاق جي دائري ۾ نه ٿا اچن ۽ ان ڪري شڪايت تي عمل نه ٿو ڪري سگهجي.
ٻئي طرف ناروي جي فٽبال فيڊريشن به معاملو فيفا جي اخلاقي ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.


