ڀارت پاڪستان سان ٻي طرفي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڀارت پاڪستان سان ٻه طرفي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي حڪومت پاڪستان خلاف سڌي سنئين گيمز ۾ شرڪت جي حق ۾ ناهي.

ڀارتي راندين واري وزارت ان حوالي سان مختلف راندين جي تنظيمن، اولمپڪ ايسوسيئيشن ۽ اسپورٽس اٿارٽيز کي هدايتون جاري ڪيون آهن.

راندين واري وزارت موجب ڀارت پنهنجي سرزمين تي پاڪستان سان ڪنهن به ٻطرفي سيريز جي ميزباني نه ڪندو ۽ نه ئي پنهنجون ٽيمون پاڪستان موڪليندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ٽيمون ٻه طرفي مقابلن لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪنديون ۽ پاڪستاني ٽيمن کي ڀارت ۾ کيڏڻ جي اجازت نه هوندي.

جڏهن ته ملٽي نيشنل مقابلن جي حوالي سان ڀارت جو چوڻ آهي ته اهڙن ايونٽس ۾ شرڪت جو فيصلو عالمي راندين جي تنظيمن جي پاليسي ۽ رانديگرن جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.

مطلب ته ڀارتي رانديگر به انهن مقابلن ۾ حصو وٺندا جتي پاڪستاني ٽيمون به حصو وٺي رهيون آهن.

اهڙي طرح جيڪڏهن ڀارت ڪنهن انٽرنيشنل ايونٽ جي ميزباني ڪندو آهي ته پاڪستاني ٽيمن کي به شرڪت جي اجازت هوندي ڇو ته اها بين الاقوامي راندين جي ضابطن موجب هوندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment