سعودي عرب جي فيفا ورلڊ ڪپ مان نڪرڻ کانپوءِ سعودي فٽبال فيڊريشن جي صدر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
تفصيل موجب فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي گروپ اسٽيج ۾ سعودي عرب يوراگوئي ۽ ڪيپ ورڊي سان ميچون ڊرا ڪيون، جڏهن ته اسپين هٿان هارايو ويو.
استعيفيٰ ڏيندڙ ياسر المشال ڪيترن ئي سالن تائين سعودي عرب فٽبال فيڊريشن جو صدر رهيو.
هن 2034 فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني کٽڻ لاءِ سعودي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ياسر المشال چيو ته ٽيم جي ناڪامي جي ذميواري قبول ڪريان ٿو، ٽيم جي ڪارڪردگي اميدن کان تمام گهٽ رهي، مداحن کان معافي گهران ٿو.


