اسلام آباد:
رپ سينيٽ ڪميٽي ٽيڪس چوري بابت غلط معلومات ڏيڻ تي چيف آپريشنز ايف بي آر کي اجلاس مان ڪڍي ڇڏيو.
سينيٽ جي گهرو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ تمباکو، ٽيڪس چوري ۽ سگريٽ اسمگلنگ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران سڌ سماءَ واري وزارت کان تمباکو بابت ٽي وي چينلز تي جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪستان ۾ سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ برانڊز جي فهرست ۽ انهن طرفان ادا ڪيل ٽيڪس جا مڪمل تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا.
اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيف الله ابڙو چيف آپريشنز ايف بي آر تي ٽيڪس چوري جي معاملي تي غلط معلومات فراهم ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيف آپريشنز ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ڪميٽي مان نڪرڻ جو چئي اجلاس مان هليو وڃي.
سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته اهڙن گندا آفيسرن کي اهم عهدن تي رکيو ويو آهي جيڪي غلط معلومات فراهم ڪري رهيا آهن، انهن کي فوري طور هٽائڻ لاءِ لاڳاپيل وزير کي لکيو وڃي. هن چيو ته 3 کان 4 آفيسرن سڄي ملڪ جو جهاز ٻڏي ويو آهي.
سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته هو جڏهن به ايف بي آر کي ڪميٽي ۾ طلب ڪندو آهي ته ان ئي ڏينهن کيس نوٽيس موڪليو ويندو آهي. هن واضح ڪيو ته هو ايف بي آر کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته سندس ڪا تمباکو ڪمپني ناهي. هن وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته ملڪ کي مخصوص آفيسرن کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.
اجلاس ۾ 25 ڪروڙ رپين جي سگريٽ چوري واري ڪيس جو به جائزو ورتو ويو. سينيٽر سيف الله ابڙو ايف آءِ اي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ان معاملي ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته انڪوائري مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪيس پشاور منتقل ڪري اتي ڪيس داخل ڪيو ويندو. ايف آءِ اي اختيارين موجب انڪوائري ۾ ڊي سي ڪسٽم ۽ 2 انسپيڪٽرز کي ڏوهه ثابت ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته پنهنجي ڊي جي کي چئو ته اسلام آباد ۾ به پنجاب جون ڪاميابيون ڏيکاريون. هن سوال اٿاريو ته اهو ڪهڙو دٻاءُ آهي جنهن سبب اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿيو. ايف آءِ اي عملدارن جواب ڏنو ته هن وقت تائين کين ان ڪيس ۾ ڪا به سفارش نه ملي آهي، جڏهن ته سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته کين ان حوالي سان 20 کان وڌيڪ سفارشون مليون آهن.
هن هدايت ڪئي ته اڄ ئي ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ان جي ڪاپي فوري طور ڪميٽي ڏانهن موڪلي وڃي، جڏهن ته فرار ٿيل ڊي سي ڪسٽمز کي انٽرپول ذريعي واپس آڻڻ لاءِ به قدم کنيا وڃن.
اجلاس دوران ذيلي ڪميٽي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته وزير اعظم شهباز شريف کي انهن ڪيسن بابت آگاهه ڪيو وڃي جن ۾ بادشاه خان وزير ملوث آهي.
سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ٽيڪس نه مليل علائقن مان 100 ارب رپين جو خام مال خريد ڪيو ويو جڏهن ته اهڙن علائقن ۾ ڪل 859 ملون ڪم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي سينيٽر طلحه محمود چيو ته صورتحال مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جنگ طرف وڃي رهيا آهيون. هن اهو به چيو ته هو ان موقف مان مطمئن ناهي ته ڊي سي ئي ڊيفالٽر هو.
سيف الله ابڙو چيو ته ايف بي آر طرفان بريفنگ پيپرز ۾ ڪا به ڄاڻ ناهي ڏني وئي. جيڪڏهن ايف بي آر تفصيل ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته ٻڌايو ته ڇا ڪيو وڃي. ٽيڪس ڇوٽ وارن علائقن ۾ 859 فيڪٽرين جا تفصيل نه ڏنا ويا. ايف بي آر گذريل ڪميٽي جي اجلاس ۾ به تفصيل نه ڏنو هو. ڪالهه به جڏهن منهنجي اسٽاف کي فون ڪيو ته لاڳاپيل آفيسر رڪارڊ نه ڏنو. اڄ به اهو آفيسر رڪارڊ نه ڏئي رهيو هو، ان ڪري اسان کيس ڪميٽي جي اجلاس مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
ڪميٽي جي چيئرمين ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته بادشاه خان وزير خلاف ڪيس ٻيهر اڪلايو وڃي.
سينيٽر دلاور چيو ته بادشاه خان وزير، ميمبر ليگل، ايف بي آر جي عهدي تي آهي، جنهن ڪري هن پنهنجو بچاءُ ڪيو. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ڪسٽم سگريٽ چوري جي ڪيس جي رپورٽ نه ڏئي رهي آهي. اسان 20 منٽن اندر سگريٽ چوري جي رپورٽ ايف آءِ اي کي ڏني. جيڪڏهن اسان پنهنجي آفيسرن جي عزت نه ڪنداسين ته اهي ڪم ڪيئن ڪندا؟ ايف بي آر طرفان ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي. ٽيڪس معافي وارن علائقن کي ٻيهر ٽيڪس فري ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.


