مردان: گوردوارا ۾ فائرنگ، سک مڙس ۽ زال مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مردان ۾ گوردوارا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ سک مڙس ۽ زال مارجي ويا.

مردان پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو بابو محلا ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن گوردواريءَ جي هڪ ڪمري ۾ فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ گوردواريءَ جي صفائي جو ڪم ڪندڙ مڙس ۽ زال مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. ريسڪيو 1122 جي طبي ٽيم ٻنهي فوتين جا لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment