ايراني ڪرنسي جي قدر ۾ 100 گنا اضافو، پاڪستانين 5 ڏينهن ۾ 3 ارب ريال خريد ڪري ورتا.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ 60 ڏينهن واري امن معاهدي کانپوءِ پاڪستان ۾ ايراني ڪرنسي جي طلب ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب قيمتون وڌي رهيون آهن.

تفصيل موجب امن معاهدي کانپوءِ پاڪستان ۾ شهرين پنجن ڏينهن اندر 3 کرب رپين جي ماليت جو ايراني ريال خريد ڪري ورتو، جڏهن ته گهرج وڌڻ سبب اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ايراني ڪرنسي جي قيمت ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

ان ڳالهه جي تصديق ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن جي چيئرمين ملڪ بوستان ڪئي ۽ چيو ته گذريل پنجن ڏينهن دوران وچولي طبقي طرفان ايراني ريال جي خريداري ۾ زبردست اضافو ڏٺو پيو وڃي.

هن چيو ته اڳ هڪ ڪروڙ ايراني ريال 2000 روپين ۾ ملندا هئا جڏهن ته هاڻي هڪ ڪروڙ ريال 4000 روپين ۾ ملي رهيا آهن. ملڪ بوستان عوام کي اپيل ڪئي ته اهي لائسنس يافته مني چينجرز کان ريال خريد ڪن ته جيئن ڪو به فراڊ نه ٿئي.

هن چيو ته ايران-آمريڪا معاهدي تي صحيح ٿيڻ کانپوءِ خريداري وڌي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment