غزه سٽي: جنگبندي جي باوجود غزه تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي. فلسطيني اختيارين موجب اسرائيلي فوج جي تازي بمباري ۾ هڪ صحافي ۽ هڪ ئي خاندان جي 4 ميمبرن سميت 11 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه جي سول ڊفينس ايجنسي موجب غزه شهر جي علائقي الصبرا ۾ هڪ رهائشي اپارٽمنٽ کي رات دير سان اسرائيلي هوائي حملي جو نشانو بڻايو. حملي ۾ سفادي خاندان جا 4 ڀاتي مارجي ويا، جن ۾ مڙس، زال ۽ سندن ٻه ننڍيون ڌيئرون شامل هيون، جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
غزه جي الشفا اسپتال تصديق ڪئي آهي ته حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن. مقتول جي خاندان جي هڪ رشتيدار نيل صفدي جو چوڻ هو ته حملي وقت گهر وارا سمهي رهيا هئا ۽ انهن جو ڪنهن به شدت پسند گروپ سان ڪو به واسطو نه هو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ميزائل حملي سان عمارت جو وڏو حصو تباهه ٿي ويو، جڏهن ته گهرن جو سامان، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ملبي هيٺان دٻجي ويو. محمد الصفدي، جيڪو حملي ۾ بچي ويو، چيو ته هو هڪ عام شهري هو ۽ ان جو ڪنهن به هٿياربند سرگرمي سان ڪو به تعلق ناهي.
ٻئي طرف غزه شهر جي اترين علائقي ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ هڪ فلسطيني به مارجي ويو. بعد ۾، مرڪزي غزه ۾ البرج پناهگير ڪيمپ ۾ هڪ گهر تي حملي ۾ ٽي وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
فلسطيني سول ڊفينس اهلڪارن موجب مختلف علائقن ۾ ٻين حملن ۾ ڪل 11 ڄڻا مارجي ويا.
مارجي ويلن ۾ مقامي فلسطيني صحافي احمد وشاه به هو، جيڪو قطر جي براڊڪاسٽر الجزيره لاءِ ڪئميرامين طور ڪم ڪري رهيو هو. الجزيره پنهنجي صحافي جي موت جي مذمت ڪندي صحافين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ٻئي طرف اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته احمد وشاح جو تعلق حماس سان هو، جڏهن ته آزاد ذريعن ان دعويٰ جي تصديق نه ڪئي آهي.
فلسطين جي صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب، گذريل سال آڪٽوبر ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان وٺي غزه ۾ اسرائيل جي مختلف حملن ۾ 1,012 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آهن. ٻئي طرف اسرائيلي فوج موجب ان دوران ان جا 5 اهلڪار مارجي ويا آهن.
غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ عالمي ڪوششون جاري آهن پر زميني صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي ۽ ڌرين هڪ ٻئي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳايا آهن.


