افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پريس جي آزادي کي سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ صحافين جي بي دخليءَ ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي.
رپورٽرز ودائوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، 2021 ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي 677 افغان صحافي 28 مختلف ملڪن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيا آهن.
تنظيم موجب 2022 ۾ 183 صحافين ۽ 2025 ۾ 82 صحافي طالبان حڪومت جي دٻاءُ، پابندين ۽ ممڪن خطرن سبب افغانستان ڇڏي ويا. آر ايس ايف جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ افغان صحافين وٽ صحافت ڇڏڻ، جلاوطني اختيار ڪرڻ يا جيل ڀوڳڻ کانسواءِ محدود آپشن بچيا آهن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ پنج صحافي هن وقت طالبان جي حراست ۾ آهن.
رپورٽرز ودآؤٽ بارڊرز سائوٿ ايشيا ڊيسڪ جي چيف ڪيليا مرسيئر موجب، افغانستان جو ميڊيا منظم جبر، سخت پابندين ۽ اختيارين پاران وڌندڙ ڪنٽرول جي تابع آهي.
مبصرن جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ افغان صحافين کي سچ ۽ حقيقتون بيان ڪرڻ جي قيمت خاموشي، قيد يا جلاوطني جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي.
طالبان جي حڪومت جي جبر، افغانستان مان صحافين جي جلاوطني خطرناڪ حد تائين وڌي وئي
قابض طالبان جي حڪومت ۾ پريس جي آزادي بدترين زوال جو شڪار ٿي رهي آهي، جتي سچ ڳالهائڻ ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي.
رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز انهن صحافين جا تفصيل جاري ڪيا آهن جيڪي 2021 کان جلاوطن ٿي ويا آهن.
افغان… pic.twitter.com/aoxxgsKVMe– پي ٽي وي نيوز (@PTVNewsOfficial) 21 جون 2026


