لاهور:
نارووال جي گوردوارا دربار صاحب ڪرتارپور ۾ ٽن ڏينهن وارو بيساڪي ميلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڀارت مان سک ياترين جي وڏي انگ شرڪت ڪري رهي آهي.
درٻار انتظاميا موجب 2388 زائرين واگها بارڊر ذريعي پاڪستان پهچي ويا، جن کي حسن ابدال کان ڪرتارپور آندو ويو. ان موقعي تي هيڊ گرنٿي سردار گوبند سنگهه ۽ درٻار انتظاميا ياترين جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو.
زائرين درگاهه تي حاضري ڀرڻ، مٿو سجائڻ ۽ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ان موقعي تي سک ياتري پاڪستان جي مهمان نوازي کي ساراهيو ۽ چيو ته کين هتي بيحد پيار مليو آهي ۽ هو پنهنجو گهر محسوس ڪري رهيا آهن.
زائرين ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪرتارپور راهداري کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي ته جيئن هو بنا ڪنهن ڏکيائي جي دربار صاحب اچي سگهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان طرفان بهترين ٽرانسپورٽ، لنگر، رهائش ۽ سيڪيورٽي جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جنهن تي هو پاڪستان حڪومت جا شڪر گذار آهن.


