پاڪستان هاڪي ٽيم پرو هاڪي ليگ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
عماد بٽ جي اڳواڻي ۾ قومي ٽيم 9 جون تي ڪراچي کان بيلجيم لاءِ رواني ٿيندي، جنهن جو هيڊ ڪوچ منظور الحسن هوندو.
پرو هاڪي ليگ ۾ پاڪستان کي 13 کان 27 جون تائين بيلجيم، اسپين، انگلينڊ ۽ ڀارت خلاف ٻه ٻه ميچون کيڏڻو آهي.
لاهور ۾ ڪيمپ دوران پي ايڇ ايف رانديگرن کي ڪوچنگ، لاجسٽڪ سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پهريون ڀيرو رانديگرن جا ڊيل الائونس به اڳواٽ ادا ڪيا ويا آهن.
ڪوچ وسيم احمد کي گول ڪيپر ڪوچ مظهر عباس بدران ٽيم مئنيجمينٽ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، پاڪستاني ٽيم اسڪواڊ ۾ 20 رڪني ۽ 5 ٽيم مئنيجمينٽ آفيسر شامل هوندا.


