ڀارتي والي بال ٽيم کي پاڪستان اچڻ لاءِ اين او سي جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وفاقي حڪومت اسپورٽس ڊپلوميسي تحت اهم فيصلو ڪندي ڀارتي والي بال ٽيم کي پاڪستان اچڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ ۾ ڀارت جي شرڪت جو رستو هموار ٿي ويو آهي.

پاڪستان والي بال فيڊريشن جي چيئرمين چوڌري محمد يعقوب ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته حڪومت ڀارتي ٽيم لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ ان فيصلي بابت ڀارت کي به باضابطا آگاهه ڪيو ويو آهي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته ڀارتي ٽيم شيڊول موجب پاڪستان ايندي ۽ ايونٽ ۾ شرڪت ڪندي. هن چيو ته ڪاوا مرد والي بال چيمپيئن شپ 22 کان 29 جولاءِ تائين اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته هي چيمپيئن شپ پاڪستان ۾ ٿيندڙ وڏن بين الاقوامي والي بال مقابلن مان هڪ هوندي جنهن سان ملڪ ۾ والي بال کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ قومي ٽيم کي ورلڊ ڪلاس ٽيمن خلاف کيڏڻ جو بهترين موقعو فراهم ٿيندو.

چوڌري محمد يعقوب موجب ايونٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، قازقستان، افغانستان، بنگلاديش، نيپال، ترڪمانستان، ڪرغزستان، مالديپ ۽ سريلنڪا سميت ڏهن ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment