پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ وومين ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
6 ميچن تي ٻڌل وائيٽ بال سيريز 4 کان 15 مئي تائين ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ٽي ون ڊي ۽ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل هونديون.
سريلنڪا جو نميلي پريرا سيريز جي سمورن 6 ميچن ۾ آن فيلڊ امپائر ڪندو.
پاڪستاني امپائرز ۾ ذوالفقار جان، طارق رشيد، صالحه امتياز، فيصل آفريدي ۽ ناصر حسين شامل آهن.
ڪامران چوڌري کي ون ڊي سيريز لاءِ ميچ ريفري جڏهن ته علي نقوي کي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي.


