بروقت ڪارروائي ڪندي موٽر وي پوليس M-5 پنجاب مان ڪڻڪ جي وڏي کنسائنٽ غير قانوني طور سنڌ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. سينٽرل ريجن جي ترجمان موجب اطلاع ملڻ تي موٽر وي پوليس رحيم يار خان ويجهو هڪ شڪي ٽرڪ کي روڪي تلاشي ورتي، جنهن دوران 27 لک رپين کان وڌيڪ جي ڪڻڪ هٿ ڪئي وئي. ترجمان موجب برآمد ٿيل ڪڻڪ غيرقانوني طور پنجاب کان سنڌ منتقل ڪئي پئي وڃي، جنهن تي موٽر وي پوليس فوري طور تي پنجاب جي خوراڪ کاتي کي اطلاع ڏنو. فوڊ کاتي جا عملدار موقعي تي پهچي قانوني ڪارروائي بعد ٽرڪ، ڪڻڪ ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ترجمان سينٽرل ريجن جو چوڻ آهي ته پنجاب فوڊ ڊپارٽمينٽ موٽر وي پوليس جي بروقت، موثر ۽ پروفيشنل ڪارروائي کي ساراهيو آهي ۽ ان کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ اهم پيش رفت قرار ڏنو آهي.
Source link

رحيم يار خان؛ موٽر وي پوليس جو وڏو ڪارروايون، غير قانوني ڪڻڪ سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام
Leave a Comment Leave a Comment

