ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني عظيم پوري قبرستان ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
ڇاپو اختيارين موجب فوتي جو لاش جناح اسپتال پهچايو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 19 ورهين جي دولت خان ولد احمد گل طور ٿي.
پوليس اختيارين موجب حادثو نامعلوم گاڏي جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب پيش آيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. هوڏانهن واقعي کانپوءِ ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.


