عالمي ثالثي عدالت جو اهم فيصلو ڀارت خلاف پاڪستان جي حق ۾

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ثالثي جي عالمي عدالت سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستان جي موقف کي انصاف تي ٻڌل قرار ڏيندي ڀارتي موقف کي رد ڪندي اهم ذميواريون عائد ڪري ڇڏيون. ايڪسپريس نيوز موجب ثالثي جي عالمي عدالت جو اهم فيصلو، عالمي ثالثي عدالت پاڪستان جي موقف جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي سفارتي، قانوني ۽ اخلاقي محاذ تي مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي. انصاف جي عالمي عدالت چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو عالمي بينڪ جي گارنٽي هيٺ هڪ عالمي معاهدو آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل نٿو ڪري سگهي، پاڪستان جو موقف درست قانوني تشريح ۽ عالمي قانونن موجب آهي. عدالت چيو ته ڀارت اولهه دريائن تي ڪنهن به هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۾ پاڻي پنهنجي مرضيءَ سان نٿو رکي سگهي، ڀارت پاڪستان کي آبي وسيلن جو آپريشنل ڊيٽا فراهم ڪري. ڀارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پاڪستان سان ڪشن گنگا ۽ رتلي منصوبن سان لاڳاپيل سموريون ٽيڪنيڪل ۽ هائيڊرولاجيڪل معلومات شيئر ڪري، ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو بيان غير اخلاقي ۽ غير قانوني آهي. عدالت ماحولياتي وهڪري تي پاڪستان جي موقف کي به تسليم ڪيو ۽ ڀارت تي ذميواريون عائد ڪندي خطي ۾ پاڻي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڀارت جي ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو. قانوني ماهرن چيو ته ڀارت پنهنجي ڪمزور قانوني پوزيشن سبب عالمي ثالثي عدالت جي فيصلن کي مسلسل رد ڪري رهيو آهي. ڀارتي بائيڪاٽ باوجود عدالت ڪارروائي جاري رکندي اهم قانوني نقطن تي فيصلو ڏنو. پاڪستان ثالثي جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي ان کي عالمي قانون، غير جانبدار انصاف ۽ معاهدن جي ذميوارين جي فتح قرار ڏنو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment