منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي کي ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
جوابدار کي سخت سڪيورٽي ۾ برقع پاش پوليس موبائل ۾ عدالت آندو ويو، جوابدار کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس جي وڏي نفري جوابدار کي سٽي ڪورٽ وٺي وئي، جڏهن ته جوابدار جو وڪيل مير هدايت الله ايڊووڪيٽ به عدالت ۾ موجود هو.
حراست ۾ وٺڻ دوران جوابدار پوليس تي رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ چيو ته منهنجو ساهه بند ٿي ويو آهي، منهنجو وات نه ڍڪيو. ٻڌڻي دوران ڪجهه ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ مارو مارو جا نعرا هنيا. ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي وڏي مشڪل سان گرفتار ڪري ورتو.
عدالت سمورن ڪيسن ۾ جوابدار انمول ۽ ٻين جي رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو.
بعد ۾ سچل ٿاڻي جي پوليس انمول گلابي کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جي گهر مان منشيات هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار کي جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.
جوابدار انمول پنڪي چيو ته مون کي ڪوڙو ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي، مون کي لاهور مان ڪڍيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ٻئي طرف مختلف ٿاڻن جي جاچ پوليس انمول عرف پنڪي جو رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي. هوڏانهن درخشان ٿاڻي جي پوليس جاچ آفيسر ريمانڊ وٺڻ لاءِ عدالت پهچي ويو.
گزري ٿاڻي جي جاچ آفيسر موجب جوابدارن خلاف گزري ٿاڻي ۾ 2021 ۽ 2022 ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته درخشان ٿاڻي جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن خلاف 2021، 2022 ۽ 2025 جا ڪيس داخل آهن، جوابدار سمورن ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. اسان جي 5 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪنداسين.
ايس آءِ يو پوليس به ڪوڪين ڊيلر جي رمانڊ لاءِ عدالت پهچي وئي، جاچ آفيسر انسپيڪٽر غوث موجب هو 2025 جي ڪيس ۾ جوابدار جو رمانڊ وٺڻ آيا آهن، ڪيس ۾ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن واري علائقي مان ڪوڪين ۽ منشيات جي وڏي سپلائر انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪري ڪروڙين رپين جي منشيات ۽ پستول هٿ ڪيو ويو هو.


