پاڪستان سعودي عرب تي حوثي باغين جي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


نيو يارڪ:

نيويارڪ: پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ وچ اوڀر خاص ڪري يمن جي صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪندي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ سفارتي حل تي زور ڏنو آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سعودي عرب تي حوثي باغين جي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان برادر ملڪ سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.

سفير عثمان جدون چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن موجب يمن جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ڪري ٿو.

هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو يمن سميت پوري خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سمورن ڌرين کي ڳالهين، سفارتڪاري ۽ تحمل جو رستو اختيار ڪري.

پاڪستاني نمائندي چيو ته يمن ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سهڪار سان يمني عوام جي قيادت ۾ جامع سياسي عمل ذريعي ئي ممڪن آهي.

هن چيو ته قيدين جي تبادلي جو معاهدو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڏکين حالتن ۾ به ڳالهين ذريعي مثبت اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي.

سفير عثمان جدون سمورين پارٽين تي زور ڀريو ته هو ملڪ گير جنگ بندي ۽ جامع سياسي حل لاءِ تعميري ڳالهيون جاري رکن.

يمن جي عوام کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سالن کان جاري جنگ، بي گهرين، معاشي بحران ۽ خوراڪ جي عدم تحفظ عام شهرين کي سخت متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڇڪتاڻ سندن مشڪلاتن ۾ اضافو ڪندي.

پاڪستان حوثي باغين پاران گڏيل قومن، انساني حقن جي ادارن ۽ سفارتي عملي جي مبينا گرفتارين تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سمورن حراست ۾ ورتل اهلڪارن کي فوري ۽ غير مشروط آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سفير عثمان جدون چيو ته گڏيل قومن جي اهلڪارن، تنصيب ۽ اثاثن جو مڪمل احترام ڪيو وڃي.

هن واضح ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ سمورن مخلصانه ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment