ايران جي ڏاکڻي شهر بندر عباس ۾ رات دير سان ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آمريڪي فوج صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايتن تي مسلسل ٽئين ڏينهن به ايران خلاف هوائي حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) موجب ايراني نشانن تي حملن جو مقصد آبنائي هرمز ۾ شهرين ۽ تجارتي جهازن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.

سينٽر ڪام جو چوڻ آهي ته حملن ۾ ايراني فورسز کي وڏو جاني نقصان پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته آمريڪي فوج ايران خلاف آپريشن جو سلسلو جاري رکيو آهي.

ٻئي طرف ايران جي سرڪاري ٽي وي موجب ڏکڻ ايران جي شهر بندر عباس ۾ رات دير سان ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب ايران تي تازو حملو رات 12 لڳي 15 منٽن تي ڪيو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment