ڪوهاٽ ۾ طوفاني برسات سبب گهر ڊهي پوڻ سبب 9 ڄڻا فوت، 11 زخمي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪوهاٽ:

لاچي جي علائقي ملگين ۾ تيز برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 15 ڄڻا ملبي هيٺ دٻجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

ايڪسپريس نيوز موجب امدادي تنظيم 1122 سمورن ماڻهن کي ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.

ريسڪيو 1122 موجب زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، فوتين ۾ 50 ورهين جي بسمينا، 45 ورهين جي نواب جان، 45 ورهين جي فرمينا ۽ 6 ورهين جي ارحم شامل آهن.

زخمين ۾ 30 سالن جي صفي الله، 25 سالن جي نبيلا، 30 ورهين جي شاردا ناز، 3 ورهين جي سيف الله، 4 ورهين جي روزا، 50 ورهين جي گل مرجان، 60 ورهين جي سڪينا، 30 ورهين جي جاويده، 3 ورهين جي اديبه، 2 ورهين جي شرينا، 5 ورهين جي شرينا ۽ 5 سالن جي بي بي شامل آهن.

ريسڪيو عملدارن موجب حادثي وقت گهر ۾ تقريب ٿي رهي هئي.

ٻئي طرف اٽڪ ۾ به برسات سبب ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊيرا غازي خان جي قبائلي علائقي ۾ برسات کانپوءِ درياهه مٿان وهڻ لڳا. برسات سبب ملتان، ڊي جي خان ۽ مظفر ڳڙهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي معطل ٿي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment