پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز 10 ضلعن ۾ نيون اليڪٽرڪ بسون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پنجاب ۾ مفت ٽرانسپورٽ پروگرام تحت بسن جي 3560 ٽرپس کي نظر ۾ رکندي وڏي وزير مريم نواز 10 ضلعن ۾ نيون اليڪٽرڪ بسون موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 21 رستن تي هن وقت تائين 21 لک مسافر فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. اٽڪ، ڀکر، حافظ آباد، خانيوال، ليه، شيخوپوره، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، منڊي بهاءُ الدين ۽ اوڪاڙه ۾ اليڪٽرڪ بسون فراهم ڪيون وينديون. هلندڙ مهيني 100 اليڪٽرڪ بسون، مئي جي وچ تائين 350 ۽ جون جي آخر تائين 264 اليڪٽرڪ بسون پنجاب پهچنديون. هر ڊويزن ۾ اليڪٽرڪ بسن لاءِ هڪ خاص بس ڊپو قائم ڪيو ويندو. وڏي وزير مريم نواز شريف تعلقي سطح تي 1500 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو پلان طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ ماس ٽرانزٽ سسٽم منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پنجاب ۾ پهرين اي ٽيڪسي اسڪيم تي پيش رفت رپورٽ پيش ڪئي وئي، مئي ۾ 194 اي ٽيڪسي ۽ جون ۾ 208 اي ٽيڪسي اينديون. وڏي وزير مريم نواز شريف نئين ڊيزائن جي منظوري ڏيندي ميٽرو بس اسٽيشن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ”امپاور-هر“ منصوبي تحت لاهور ۾ نئين ۽ جديد بس اسٽيشن جي انسٽاليشن جو جائزو ورتو ويو. سرڪاري ملازمن لاءِ اي-سائيڪل پروجيڪٽ جي به اصولي منظوري ڏني وئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment