عمري جي ويزا تي ماءُ کي يورپ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ناڪام، 4 مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) عمري جي ويزا تي سعودي عرب وڃڻ وارن 4 مسافرن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي غير قانوني اميگريشن جي ڪوشش جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي موجب سيڪنڊ پروفائيلنگ دوران مسافرن جي سفري دستاويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته هڪ مسافر کي غير قانوني طور ترڪي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ پهريان ئي ڊي پورٽ ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٻن ٻين مسافرن وٽ آذربائيجان جا وزٽ ويزا پڻ هئا.

موبائيل فونن جي وڌيڪ جاچ ۽ فرانزڪ ٽيسٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٻه مسافر پنهنجي ماءُ کي عمري جي بهاني سعودي عرب وٺي رهيا هئا، جتان ماءُ کي پاڪستان واپس آڻڻ ۽ پاڻ يورپ وڃڻ جو پلان هو.

چيٽ رڪارڊ موجب، مسافرن باڪو-سربيا رستي يورپ پهچڻ جي رٿابندي ڪئي هئي ۽ مبينا طور تي انساني اسمگلنگ نيٽ ورڪ جي ايجنٽن سان مسلسل رابطي ۾ هئا.

چئن مسافرن کي آف لوڊ ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل اسلام آباد جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment