اسپين جو نوجوان فٽبال اسٽار لامين يامل هن وقت پهريون ورلڊ ڪپ کٽڻ ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان جشن ملهائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.
جڏهن ته هن فتح جي جشن دوران يامل جي پيءُ بابت هڪ اهم انڪشاف سوشل ميڊيا تي سامهون آيو آهي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن موجب لامين يامل جو پيءُ 1992ع ۾ پيدا ٿيو، جنهن ڪري سندس عمر رڳو 34 سال آهي.
اها ڄاڻ سامهون اچڻ کانپوءِ صارفين حيرانگي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ مختلف دلچسپ تبصرا ۽ ميمز پڻ شيئر ڪيا پيا وڃن.
ڪيترن ئي مداحن جو چوڻ آهي ته انهن کي خبر ناهي ته لامين يامل ۽ سندس پيء جي وچ ۾ عمر جو فرق ايترو ننڍڙو هوندو.
واضح رهي ته لامين يامل جو والد ورلڊ ڪپ جي اهم ايونٽ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم نه آيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب لامين يامل جي ڏاڏي جي وفات سبب سندس والد گهر ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.


