پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وومين انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ٻنهي ٽيمن ڇنڇر جي رات نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ رات جي پريڪٽس ۾ حصو ورتو، رانديگرن جسماني مشقن کانپوءِ فٽبال کيڏيو. فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ جون مشقون ڪوچنگ اسٽاف جي نگراني ۾ ڪرايون ويون. وومين ڪرڪيٽرز سامونڊي هوائن سان خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿينديون رهيون. پاڪستاني ڪپتان فائز فياض ۽ دوري واري ٽيم جي ڪپتان نڪي به ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندا، 5 ميچن جي سيريز 14 کان 24 جولاءِ تائين نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. سيريز جي پهرين نائيٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ 14 جولاءِ، ٻي ميچ 17 جولاءِ، ٽيون 19 جولاءِ، چوٿين 22 جولاءِ ۽ پنجين ۽ آخري ميچ 24 جولاءِ تي کيڏي ويندي.
Source link

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وومين انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جون تياريون شروع ٿي ويون آهن
Leave a Comment Leave a Comment

