لنڪا پريميئر ليگ جي ڊرافٽ ۾ پاڪستاني رانديگر ڌيان جو مرڪز رهيا ۽ پنجن ڪرڪيٽرن کي ليگ جو باقاعده حصو بڻايو ويو.
تفصيل موجب محمد نواز، محمد حارث، شاهنواز دستي، عاڪف جاويد ۽ محمد وسيم جونيئر ايل پي ايل جي مختلف ٽيمن جو حصو بڻجي ويا.
گال گيلنٽس محمد نواز کي اوورسيز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ۽ اڀرندڙ کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر عاڪف جاويد کي گولڊ ڪيٽيگري ۾ چونڊيو.
ڪولمبو ڪيپس ٻن پاڪستاني رانديگرن تي به اعتماد جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد حارث کي ڪلاسڪ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته گولڊ ڪيٽيگري ۾ فاسٽ بالر شاهنواز دستي کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو.
ٻئي طرف ڊمبولا سڪسرز پاڪستاني فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر کي گولڊ ڪيٽيگري ۾ چونڊيو آهي.
هو ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي هم وطن صاحبزاده فرحان سان گڏ کيڏندو، جنهن کي فرنچائز ڊرافٽ کان اڳ اوورسيز آئڪن پليئر طور سائن ڪيو هو.
لنڪا پريميئر ليگ 2026ع 17 جولاءِ کان شروع ٿيندي جڏهن ته فائنل 8 آگسٽ تي کيڏيو ويندو.
ڪولمبو جي سنهاليز اسپورٽس ڪلب گرائونڊ ۾ افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن جافنا ڪنگز ۽ گال گيلنٽس وچ ۾ کيڏي ويندي.
ٽورنامينٽ جون ميچون ڪولمبو، ڊمبولا ۽ ڪنڊي ۾ کيڏيون وينديون جڏهن ته ناڪ آئوٽ اسٽيج ۽ فائنل آر پريماداسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.
پاڪستاني مداحن جون نظرون هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن رانديگرن تي هونديون جيڪي سريلنڪا ۾ ٿيندڙ هن وڏي ٽي 20 ليگ ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي نظر ايندا.


