پاڪستان جي فاسٽ بالر حسن علي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب حسن علي گذريل ڏينهن ويٽلٽي بلاسٽ ۾ ليسٽر شائر خلاف ميچ ۾ 4 وڪيٽون ورتيون.
ان دوران هن وڏو سنگ ميل عبور ڪيو ۽ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 350 وڪيٽون وٺڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
چيمپيئنز ٽرافي 2017 جي بهترين بالر حسن علي صرف 243 ميچن ۾ اهو اعزاز حاصل ڪري افغان اسپنر راشد خان جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
راشد خان 251 ميچن ۾ 350 وڪيٽون مڪمل ڪيون.
حسن علي ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين 350 وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر بڻجي ويو آهي. هن 243 ميچن ۾ 251 ميچن ۾ 350 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو راشد خان جي رڪارڊ کي پار ڪندي سنگ ميل تي پهچي ويو آهي. #ڪرڪيٽ pic.twitter.com/drF3IcWFGe
– ساج صادق (@SajSadiqCricket) 7 جون 2026
هن نئين ڪاميابي کانپوءِ ڪرڪيٽ حلقن ۽ مداحن طرفان کيس ساراهيو پيو وڃي.


