پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وائيٽ بال جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ هلندڙ وائيٽ بال ٽريننگ ڪيمپ کي مستقبل جي چيلنجز لاءِ اهم قرار ڏنو آهي.
پنهنجي انسٽاگرام بيان ۾ هن چيو ته ڪيمپ ذريعي رانديگرن کي ويجهو کان ڄاڻڻ، ٽيم ڪمبيشن ٺاهڻ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سميت پاڪستان سپر ليگ ۾ اڀرندڙ ٽيلينٽ جو جائزو وٺڻ جو موقعو مليو.
مائيڪ هيسن سخت گرمي کي چيلنج قرار ڏيندي چيو ته 43 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي باوجود رانديگر سخت محنت ڪري رهيا آهن ۽ حالتن سان مطابقت پيدا ڪري رهيا آهن. بالرن کي چيلينج ڪرڻ لاءِ هڪ پاسي شارٽ بائونڊري به لڳائي وئي آهي.
هن پنهنجي صحت جي خرابي کانپوءِ پاڪستان واپسي کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ٽيم آسٽريليا خلاف ايندڙ ون ڊي سيريز جي تيارين ۾ مصروف آهي ۽ مضبوط ڪمبينيشن ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 30 مئي کان شروع ٿيندي.


