اپوزيشن گرينڊ الائنس جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستان آئين تحفظ موومينٽ جي اعليٰ قيادت جو اهم اجلاس محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت تي گورننس، مهانگائي، بيروزگاري ۽ امن امان ۾ ناڪامي جا الزام لڳايا ويا جڏهن ته اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ آئين جي بالادستي تي زور ڏنو.
بيان ۾ اپوزيشن گرينڊ الائنس سياسي قيدين جي آزادي ۽ باني چيئرمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي به مذمت ڪئي وئي.
اعلان موجب گرينڊ الائنس جي تحت جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، جنهن تحت سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جعلي اسيمبلي ۽ غير آئيني قانون سازي خلاف احتجاج جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.


