فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سئو پوسٽن تي نئين ڀرتين جو اعلان ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) 2025 لاءِ نيون ڀرتين جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ اوپن ميرٽ، صوبائي، عورتن ۽ اقليتي ڪوٽا شامل آهن ۽ اهي مقرريون پوليس، فارين سروس، آفيس مينيجمينٽ سميت ٻين شعبن ۾ ٿينديون. ايف پي ايس سي پاران جاري ڪيل اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته سي ايس ايس 2025 لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي ۽ مجموعي طور تي 327 پوسٽن تي ڀرتي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، جن ۾ 191 نيون پوسٽون ۽ 136 منتقل ٿيل پوسٽون شامل آهن. ايف پي ايس سي جو چوڻ آهي ته 169 سيٽون اوپن ميرٽ، 35 عورتن ۽ 123 اقليتن لاءِ مخصوص آهن. صوبائي ڪوٽا جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ 157 پوسٽون پنجاب لاءِ، 43 خيبرپختونخواهه، 30 سنڌ رورل، 28 سنڌ شهري، 28 بلوچستان، 16 اڳوڻي فاٽا، 7 آزاد ڪشمير ۽ 3 گلگت بلتستان لاءِ آهن. ايف پي ايس سي چيو ته پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس، پوليس سروس آف پاڪستان، فارن سروس آف پاڪستان، انلينڊ روينيو سروس، آفيس مينيجمينٽ گروپ سميت ٻين سروسز ۽ گروپن جون خالي جايون پڻ شامل آهن. ايف پي ايس سي موجب پوسٽن جي الاٽمينٽ ۾ صوبائي، علائقائي، عورتن ۽ اقليتن جي تناسب کي نظر ۾ رکيو ويندو، ڪوٽا سسٽم اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي پاليسي موجب لاڳو ڪيو ويندو ۽ اميدوارن جي آخري مقرري ميرٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي. ايف پي ايس سي ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ايس ايس جي نتيجن جو اعلان سڀاڻي ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ فائنل پليسمينٽ اميدوارن جي ترجيحن، ڪميشن جي اهليت ۽ ڊوميسائيل جي بنياد تي ٿيندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment