ايس اي سي پي چيو آهي ته مالي سال 2025-26 دوران پاڪستان جي ادارتي ڪاروباري شعبي ۾ تاريخي واڌارو رڪارڊ ڪيو، جتي 43 هزار 559 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
ان واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو ڪل انگ 3 لک 1 هزار 615 ٿي ويو، رڳو جون جي مهيني ۾ 4 هزار 323 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون، جيڪو هڪ مهيني ۾ رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين جو سڀ کان وڏو انگ آهي، جڏهن ته سرڪاري شعبي جي ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ به 25 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
صوبائي سطح تي پنجاب ۾ 22 هزار 364، سنڌ ۾ 6 هزار 691، خيبرپختونخواهه ۾ 3 هزار 820، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 585 ۽ بلوچستان ۾ 759 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون.
ايس اي سي پي موجب سڀ کان وڌيڪ ترقي جي شرح گلگت بلتستان ۾ 65 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 36 سيڪڙو رهي. 41 سيڪڙو نوان رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنيون ڪمرشل شعبي سان تعلق رکن ٿيون، جيڪي ملڪ ۾ صنعتڪاريءَ جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.
ايس اي سي پي موجب، مالي سال 2025-26 دوران، پرڏيهي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ 1,014 ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون جن جي ادا ڪيل سرمائيداري 2.5 بلين رپيا هئي.
پرڏيهي سيڙپڪارن گهڻو ڪري واپار، مائننگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جڏهن ته اڪثر ڪمپنيون چيني سيڙپڪارن طرفان رجسٽرڊ ڪيون ويون. ان کان علاوه آمريڪا، برطانيه، جرمني، ڪينيڊا ۽ اسپين جي سيڙپڪارن به پاڪستان جي اداري ڪاروباري شعبي ۾ نيون ڪمپنيون قائم ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ڪئي.


