سعودي عرب ۾ مسجد نبوي جي مشهور امام ۽ مبلغ شيخ ڊاڪٽر علي الحذيفي کي هن سال حج جو خطبو ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي.
پاڻ 26 مئي 1447 هجري اڱارو ڏينهن ميدان عرفات جي مسجد نمرہ ۾ سڄي دنيا مان آيل لکين حاجين کي خطبو ڏيندو.
عرب ميڊيا رپورٽن موجب حرمين شريفين جي اداري سرڪاري طور تي اعلان ڪيو آهي ته شيخ علي الحذيفي هن سال حج جي اهم ترين اجتماع وقوف عرفه جي موقعي تي خطبہ حج جي سعادت حاصل ڪندو.

شيخ ڊاڪٽر علي الحذيفي پنهنجي منفرد تلاوت، علمي مقام ۽ ديني خدمتن جي ڪري عالم اسلام ۾ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. کيس دنيا جي نامور تلاوت ڪندڙن مان شمار ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته هو مسجد نبوي ۾ امامت جا فرض به سرانجام ڏئي رهيو آهي.
شيخ علي الحذيفي ماضي ۾ مسجد قبا ۽ مسجد الحرام ۾ امامت ۽ خطابت جون ذميواريون سرانجام ڏنيون آهن.
واضح رهي ته سعودي عرب ۾ ذوالحج جي شروعات ٿي چڪي آهي، جڏهن ته حج جو اهم حصو وقوف عرفه 26 مئي تي ادا ڪيو ويندو.
سعودي اختيارين موجب عيد الاضحيٰ اربع 27 مئي 2026ع تي ملهائي ويندي.


